اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽ??ڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽ??ڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽ??ڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ج?? مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج ي??ني??رسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو ال??سن ال??اذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.