اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??ير??ن اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري مل?? آهي، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري دوران ??ير??ن جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي مل??ن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي مل?? افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي صدرن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ??ير??ن جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ??ير??ني صدر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي ??ير??ن جي اصولي موقف تي ??ير??ني صدر جا ٿورا مڃيا. صدر ??ير??ن جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ??ير??ن جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ??ير??ن جي دوري جي دعو?? ڏني.