اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه م??قع?? موجود آهن، نا??زد س??ير پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪا??ي لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي نا??زد س??ير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نا??زد س??ير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نا??زد س??ير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نا??زد س??ير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبوڊيا جي غير مقيم نا??زد س??ير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه م??قع?? موجود آهن. صدر چيو ته نا??زد س??ير پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪا??ي لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوجهه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نا??زد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته س??ير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.