اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف س??ڪي??رٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، آءِ ٽي جو سيڪريٽري محمد س??يل راجپوت، نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن به شرڪ?? ڪئي، اجلاس ۾ انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نادرا صدر کي آءِ ووٽنگ تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر عارف علوي چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ لاءِ آءِ ووٽنگ اڻٽر آهي، آءِ ووٽنگ نظام جي فول پروف س??ڪي??رٽي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڃي، هن هداي?? ڪئي ته نادرا آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ ٽيڪنيڪي چئلينجز ختم ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪري. اجلاس ۾ آءِ ووٽن?? جي نظام جي تياري ۾ تيزي آڻڻ، نگراني ڪرڻ ۽ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صدر آءِ ووٽنگ نظام جي تياري ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.