اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پ??ڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گاڏي کي ??اڻ?? واڻي نشانو بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ايل او سي جي چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران ??نگ بندي جي خلاف و??زي جي متاثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قس??تي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کين حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، اهو حملو ??اڻ?? واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته گڏيل قومن جي گاڏي، مخصوص نشان ۽ نيلي رنگ جي جهنڊي جي ڪري پ??ي کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.