اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا رخ مختلف ۽ اختلاف کلي سامهون اچي چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحريڪ ۾ زور پيدا ٿيڻ بدران مايوسي ۽ شڪست وارو ماحول اڀري رهيو آهي، نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، مريم ۽ بلاول سميت سموري مخالف ڌر پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانه??ن سمجهي ٿي، مخالف ڌر ٻٽي معيار بدران فيصلو ڪري ته انهن کي اسيمبلين مان ا??تع??فيٰ ڏيڻي آهي يا ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي، مولانا فضل الرحمان سدائين غيرجمهوري طريقا ا??تع??ال ڪيا انهي لاءِ اڄ ان جي پارٽي جي اه?? اڳواڻن بغاوت جو عَلم بلند ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا ڇهين آدمشماري ۽ هائوسنگ سينس 2017ع رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حتمي منظو??ي لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت، زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۾ صنعت ۽ پ??دا??ار واري وزير جي شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.