اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن، ٻن??ي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن، ٻن??ي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن، هلندڙ مهيني دوران سي پيڪ تحت رشڪئي اڪنامڪ زون جو ??فتتاث ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن چين جي س??ير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻي?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.