اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (ا?? پي پي) پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير توختيوف خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان“ (ا?? پي پي) جو دورو ڪيو ۽ ا?? پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان ٻطرفي ميڊيا تعاون ۽ گڏيل اداراجاتي تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي خابرو ادارن ا?? پي پي ۽ ازبڪستان نيشنل نيوز ايجنسي (يو زيڊ اي) جي ??چ ۾ مفاهمت جي ??ادداشت تي صحيحون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ازبڪستان جي سفير چيو ته گڏيل معلومات جي ??ٽاسٽا ۾ ميڊيا جو ڪردار ٻنهي ملڪن جي ??اڳاپن ۾ تمام گهڻو اهم آهي.
ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ازبڪ سرڪاري خابرو اداري يو زيڊ اي ۽ ا?? پي پي جي ??چ ۾ خبرن ۽ معلومات جي گڏيل مٽاسٽا جا وسيع امڪان موجود آهن ۽ مفاهمت جي ??ادداشت تي صحيحن جي عمل کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ??چ ۾ ميڊيا وفدن جي ??ٽاسٽا ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ميڊيا هائوسز هڪ ٻئي جي ??يجهو اچن. ازبڪ سفير علي شير توختيوف چيو ته اسلام آباد ۾ ازبڪستان جو سفارتخانو سادي ۽ آسان ويزا جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ تازو ئي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سڌوسنئون فضائي اڏامن جي ش??وعات ٿي آهي جنهن کي ميڊيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن بابت ٻڌايو ته ازبڪستان ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ سڌوسنئون اڏامون نومبر 2024ع ۾ ٻيهر شروع ٿيون آهن ۽ ان ٻنهي ملڪن جي ??ڏن شهرن تاشقند ۽ لاهور کي ڳنڍيو آهي، مقصد ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ ۽ سفري آساني فراهم ڪرڻ آهي. ازبڪ سفير چيو ته ان فيصلي سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سفر کي آسان بڻايو ويو آهي پر عوامي رابطن کانسواءِ سفر ۽ سياحت جي صنعت جي لا??ِ پڻ نوان موقعا پيدا ٿيندا. علي شير توختيوف چيو ته ازبڪستان ثقافتي، تاريخي ۽ قدرتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي جتي سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. اسان پنهنجي ??اڪستاني دوستن سان پنهنجي گڏيل تاريخي ورثي، خوبصورت روايتن ۽ سياحت جي ??نفرد موقعن جي حصيداري ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ازبڪستان ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ ٽرانسپورٽ رابطا نه رڳو ٻنهي ملڪن لا??ِ پر پوري خطي جي لا??ِ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ آهن. ازبڪستان، پاڪستان ۽ افغانستان جون حڪومتون گڏيل اقتصادي ۽ بنيادي ڍانچي جي ??نصوبن تي عملدرآمد ۾ فعال طور تي تعاون ڪري رهيون آهن ۽ ان مان هڪ ٽرانس افغان ريلوي جي تعمير آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”ترميز – ڪابل – پشاور“ ريلوي منصوبي جو وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ??چ ۾ علائقائي رابطن جي بحالي ۾ اهم ڪردار آهي. آٽو موبائيل روٽس جي ترقي ۾ ڪيترن ئي گڏيل منصوبن تي ڪم جاري آهي. سفير چيو ته خاص طور تي گهڻ رخو ٽرانسپورٽ ڪوريڊور ”بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان“ جي ترقي تي عالمي تعاون جي ??نصوبي کي موثر طور تي فروغ ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي ا?? پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جن جون پاڙون تاريخي لحاظ کان گهريون آهن. هن چيو ته تاشقند، ثمرقند ۽ بخارا اسلامي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ اسان جا ابا ڏاڏا صدين کان انهن شهرن سان ڳنڍيل آهن. ا?? پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته قومي خابرو ادارو پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ??چ ۾ ميڊيا جي سطح تي ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ مڪمل تعاون فراهم ڪندو. محمد عاصم کچي ٻڌايو ته ازبڪستان جي ??نهنجي گذريل دوري جي ??وقعي تي اسان ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي ??چ ۾ گڏيل تعاون جي ??ادداشت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي.