اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جبلن جو عالمي ڏينهن 11 ڊسمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد جبلن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. واضح رهي ته دنيا جون 8 وڏيون جابلو چوٽيون گلگت ب??تستان ۾ آهن، جڏهن ته دنيا جي ٻي وڏي چوٽي ڪي 2 کي پاڪستان جي پهرين وڏي بلند ترين چوٽي هجڻ ??و اعزاز حاصل آهي. جبلن ??و انساني زندگي ۾ تمام اهم ڪردار آهي. قدرت جي نظام ۾ جبل، ٻيلا ۽ برفباري ا??سان ذات لاءِ انتهائي ا??م آهن. جبلن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ ماهر جبلن جي اهميت ۽ انهن جي بقاءَ جي حوالي سان خيالن ??و اظهار ڪندا.