ڪراچي-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ فلسطيني عوام جي ??سئ??ي ۽ سندن حقِ خودمختاري جي ڀرپور حمايت جاري رکندي. ب??او?? هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق پ پ چيئرمين فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهن??ي پيغام ۾ چيو ته پ پ هميشه فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختاري جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل رهي آهي. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسطيني عوام جي حقن لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ب??او?? ڀٽو زرداري غزه ۾ جاري ڏاڍ کي عالمي ??انونن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن تي زور ڀريو ته هو اسرائيلي ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون نڀائين. چيئرمين فوري ۽ غير مشروط جنگبندي، قابض فوج جي نيڪالي ۽ غزه ۾ جنگ سٽيل عوام لاءِ امدادي سرگرمين جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي جائز حقن ۽ اُمنگن مطابق آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي ڀرپور حمايت ڪري. ب??او?? ڀٽو زرداري پاڪستان جي تاريخي مؤقف جو ورجاءُ ڪندي ٻه رياستي حل جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته هي ??سئ??و جٽادار ۽ منصفاڻي حل طرفان وڌ?? جو واحد رستو آهي.