اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گي??اني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پا??ستان جي دوري سان پا??ستان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي مل??ن وچ ۾ سفارتي، معاشي، واپاري ?? پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پا??ستان دوري سان پا??سان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد يوسف رضا گي??اني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪندي چيو ته پا??ستان جي تيل ۽ گئس جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي معاونت کي ساراهيون ٿا. پا??ستان جي سينيٽ ۾ هڪ اثرائتو پا??ستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گي??اني چيو ته ٻنهي مل??ن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهداري تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سينيٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ??ه روس پا??ستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پا??ستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ?? اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پا??ستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي مل??ن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مدد ملندي.