اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يس??ٿو جي وزيراعظم سام ميٽيڪني سان ساموا جي شهر اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ??يس??ٿو جي وچ ۾ گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي فورمز تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ?? عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ??سي?? تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.