اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) آئيني ترميم تي خصوصي پارلياماني ڪم??ٽي جو اجلاس سومر ڏينهن سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامنٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاه??، سيد نويد قمر، شيري ??حمان، عرفان صديقي، بئريسٽر گوهر، عمر ايوب خان، ايمل ولي خان، ڊاڪٽر فاروق ستار، انوشه رحمان ايڊووڪيٽ، محمد اعجاز الحق ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آئيني ترميم بابت معاملن تي غور ڪيو ويو.