لاهور -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪ پي ڊبليو ڊ?? جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ڏني ويندڙ مالي پئڪيج انهن ملازمن تي هرگز لاڳو نه ٿيندو، جن تي ڪرپش?? جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ما?? جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي جي حوالي سا?? جائزه اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊ?? کي ختم ڪرڻ جي حتمي مرحلي ۽ قانوني رخن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊ?? جي خاتمي سبب فارغ ٿيندڙ ملازمن کي ملندڙ پئڪيج انهن ملازمن لاءِ هرگز ناهي، جن تي ڪرپش?? جا سنگين الزام ثابت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪ پي ڊبليو ڊ?? تحت جاري منصوبن جي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جو حتمي لائحه عمل جلد کا?? جلد پيش ڪيو وڃي. پاڪ پي ڊبليو ڊ?? کي ختم ڪرڻ بابت سموريون حتمي تجويزون ڪابينا سامهون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم پاڪ پي ڊبليو ڊ?? جي گهٽ مدت وارن ملازمن ۾ محنتي ۽ ايماندار ملازمن کي ٻيهر روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ايج رليڪسيشن جي تجويز تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيمه، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ها??وسنگ ۽ ورڪس وارو وفاقي وزير رياض حسين پ??رز??ده ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.