اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهر?? ۾ ??ڄ کان ”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فرا??م ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي پيشوراڻين خدمتن سان گڏوگڏ الائيڊ سروسز فرا??م ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ٽپال اڄ ئي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سروس فرا??م ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏن شهر?? ۾ ??امان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌايو ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ فرا??م ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هي سروس ٻين ڪوريئر ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس فرا??م ڪري رهي آهي. پاڪستان پوسٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سروس گهر جي درو??زي تي ميسر هوندي.