لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي، 9 مئي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي ??زار جي اڱڻ ۾ مسجد نبوي جي طرز تي ڇٽين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ??ه محمد نواز شريف م??ڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. معيشت کي هلائڻ سچ آن يا آف ڪرڻ جهڙو ناهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ??ثبت پاليسين عيوض ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، بجلي جو مسئلو جلد حل ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته الله تعاليٰ جي ??ضل سان دهشتگردي جو جلد خاتمو ايندو. قوم?? سلامتي ۽ ادارن تي حملا اسان جي ريڊ لائين آهن، جيڪڏه?? ڪنهن ريڊ لائين پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي ??تي ڪا گنجائش ناهي، 9 مئي جي ??اقعن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.