اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي و??ري وفاقي و??ير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪڇي ڪينال منصوبي بابت اجلاس منعقد ٿيو. بلوچستان جي وڏي و??ير سرفراز بگٽي، صوبائي و??يرن ۽ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان م??قع?? تي وفاقي و??ير هدايت ڪئي ته ماهر ٻن مهينن اندر اندر ڪڇي ڪينال مان 400 کان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي وڃڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته ڪڇي ڪينال مان بلوچستان جي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين آبادي ٿيندي. مستقبل ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ??ڪم?? عملي جوڙڻ کان اڳ ڪڇي ڪينال کي بحال ڪرڻ ۽ 500 ڪيوسڪ پاڻي جو بحال ٿيڻ ضروري آهي، مقامي آبادي کي جلد کان جلد پاڻ?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ فراهم ڪيل محدود وسيلن اندر رهندي ان جو حل ڪڍڻو آهي. پنجاب ۾ ار??ن ڪينال بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،اسان کي پنجاب جي ار??ن ڪينال ماڊل کي اختيار ڪرڻ تي سوچڻ گهرجي. بلوچستان جي وڏي و??ير سرفراز بگٽي چيو ته ٻوڏ 2022ع سبب بلوچستان ار??ن ڪينال کي شديد نقصان پهتو، ڪڇي ڪينال جي بندش سبب ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي بند ٿي چڪي آهي، مون کي پوري اميد آهي ته رٿابندي و??ري و??ير جي نگراني هيٺ جلد کان جلد ڪينال ۾ پاڻي جي بحالي سميت مستقبل ۾ بهترين لائحه عمل جوڙيو ويندو.