ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪي?? جي بحريه جو جهاز ڪنالياڊا ??اڪستان جي خير سگالي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪي?? جي بحري?? جي جهازن عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز سميت غير روايتي خ??رن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحري?? جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم ج?? اڳواڻي ۾ ترڪي?? جي بحري?? جي وفد پاڪ بحري?? جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪي?? جي بحري?? جي وفد پاڪستان جي باني کي خ??اج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪي?? جي بحري?? جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام طور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خ??ص طور تي هٿي ڏيندو.