اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال جي ل??ڏا??ي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سردار ڪمال هڪ عظيم فنڪار هو، سندس ل??ڏا??ي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سردار ڪمال جي ل??ڏا??ي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي. سردار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مق??م ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.