بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ ترقي جي لاءِ چين جي ماڊل مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آ??ي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قد?? کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڀائتو بڻايون، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن جي تقريب کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آ??ي، پاڪستان ۽ چين جي غيرمشروط دوستي جو ڊگهو سفر گڏيل اعتماد ۽ احترام جي رستن تي قائم آ??ي، اها پائيدار دوستي سرحدن کان ٻاهر هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آ??ي، چين جي گهٽ عرصي ۾ تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ مشعل راهه آ??ي، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آ??ي، پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، ايران، افغانستان ۽ ٻين نار ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن پر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جو د??يا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اها دوستي ذاتي مفاد جي لاءِ نه آ??ي، چين ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آ??ي، اها نه ختم ٿيندڙ دوستي ۽ تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي بي لوث ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هن 1981ع ۾ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪيو هو ۽ چين جي تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جو ??شا??دو ڪيو هو، چين مختصر عرصي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، هن عظيم ملڪ بڻجڻ جي لاءِ د??يا جي سامهون هڪ مثال قائم ڪيو ۽ صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو ۽ ان ترقي جو ??شا??دو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ 2024ع ۾ چين د??يا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو آ??ي، پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آ??ي، چين جي پيداواري صلاحيت سڄي د??يا ۾ مشهور آ??ي، چين ۾ سينٽرلائزڊ پلاننگ سسٽم آ??ي، چين جي مثالي ترقي اڻٿڪ محنت ۽ ڪم سان لگن جي ڪري آ??ي، چين کانسواءِ د??يا اڄ هڪ قد?? به اڳتي نه ٿي وڌي سگ??ي، اڄ چين جو واپار کربين ڊالر ۾ آهي. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت هر شعبي ۾ ڀرپور ترقي ڪئي آ??ي، چين د??يا جي ٻي بهترين ۽ مضبوط معيشت آ??ي، چين ۽ پاڪستان جي اڄ جي هي تقريب هڪ خانداني ميڙ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چين جي اڻٿڪ محنت ۽ لگن مان سکون ۽ چين جي ماڊل تي عمل پيرا ٿيون ته پاڪستان به د??يا ۾ چيني ڀائرن وانگر وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، چين پنهنجي نوجوانن، صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آ??ي، پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آ??ي، پاڪستان جي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ سموريون توانائيون استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نتيجاخيز بڻايون، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قد?? ک??يا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ نه رڳو چين جي عوام پر پوري د??يا کي ترقي جو رستو ڏيکاريو آ??ي، شي جن پنگ هڪ ويزنري اڳواڻ آهي جنهن تڪرارن ۽ جنگين کان هٽي ڪري سخت محنت جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو مثال قائم ڪيو آ??ي، سي پيڪ ۽ بي آر آءِ ان ترقي جو مثال آ??ي، چيني مصنوعات جي اڄ سڄي د??يا ۾ طلب آ??ي، چين جي ترقي جي ماڊل تي عمل ڪري پاڪستان کي نه رڳو خطي پر د??يا ۾ هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان هڪ اهڙو باغ بڻجندو جنهن جي خوشبو پوري ملڪ ۾ پ??ڙج??دي، ترقي کانسواءِ د??يا ۾ عزت ڪمائڻ جو ڪو رستو نه آهي. وزيراعظم چيو ته اپريل ۾ بشام ۾ چيني ورڪرز تي حملي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ڪارروائي ۾ 5 چيني ڀاءُ ماريا ويا، ان واقعي پوري پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو، اسان ان واقعي جي پـٺيان ناپاڪ ارادن کي سمجهي سگهون ٿا، ان جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي ۽ سي پيڪ جي دشمنن ڪئي، ان بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي پنهنجي ڀينرن ڀائرن وانگر عزيز آ??ي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.