اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي ??هي?? ملڪ جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ به??ري جي اڳڪٿي ??ري رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستا?? جي دوري تي آيل بنگلاديشي صحايف?? جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي، حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير بنگلاديشي صحافين کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعطم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي ??هي?? موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ به??ري جي اڳڪٿي ??ري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي ??هي?? اهي منصوبا نه رڳو معيشت کي فروغ ڏيندا پر روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ سيڙپڪار?? جي سهولت لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن. پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اهميت کي تسليم ??ري ٿي، اسان صحافي?? جي حق?? جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ جعلي خبر?? جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح تي قدم?? جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته بنگلاديشي صحافين جا ٿورائتا آهيون ته اهي پاڪستان آيا ۽ حڪومت جي معاشي قدمن بابت ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ورتي. بنگلاديشي صحافي?? جي وفد پاڪستان ۾ ميزباني ۽ تعاو?? جي فراهمي تي پاڪستان حڪومت، اطلاعات واري وزارت ۽ صحافتي ادارن جا ٿورا مڃيا. وفد جي ميمبرن چيو ته پاڪستان جو دورو ??ري تمام سٺو لڳو، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. بنگلاديشي صحافي?? جي وفد ۾ اقتدار احمد، مڪرم حسين، رياض احمد، شيخ ساجد، محمد عبدالودود، جبون احمد سارڪار، قمر الزمان ۽ معين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.