اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تڪبير ڏهاڙي جي 26 هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن ??هي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻا??ي سگهي، 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي، هي 1971ع جي تاريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آيا آهن، انهن ??ي سازش ڪڏهن ??ه ڪامياب نه ٿيندي. تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 سال اڳ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين جڏهن ??ه دنيا جي ستين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان ڏينهن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن ??هي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻا??ي سگهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه جهُڪا??ي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ائٽمي پر??گر??م کي ٺاهڻ، پرو??ن چاڙهڻ ۽ ان جو عملي اظهار ڪرڻ وارو هر شخص قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ??سان پنهنجي ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اڄ جي ڏينهن ??سان ائٽمي پر??گر??م جي معمار مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سندس ٽيم ۽ سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي آهي ج??ڪا ڪامياب نه ٿيندي، هي 1971ع جي تاريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آيا آهن. اقتدار کان دوري انهن ??ا هوش اڏائي ڇڏيا آهن ??و ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انشاءَ الله فتح پاڪستان ۽ 28 مئي وارن جي ٿيندي.