اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيم??ن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. ??زي??اعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ان کي جاري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي اولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ??ان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ??ان عوام کي وڌيڪ ريليف ملندو، پيٽرول جي قيم??ن ۾ گهٽتائي ??ان به عوام کي ريليف ملندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيم??ن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. ??زي??اعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ??ان انهي رخ ۾ هلڻ ??ان عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي.