اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسط??ني عوام تي ڪيل ??لمن ۽ 1951ع جي نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اسرائيل پاران پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??ريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قانوني ڪارروائي کي وقت سر سمجه??ن ٿا ۽ اسرائيل کي 7 آڪٽوبر 2023ع کان فلسط??ني عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي درخواست ۾ اٿاريل ??دشن جو پاڪستان پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل ??ي جاري فوجي جارحيت ۽ فلسط??ني عوام جي خلاف قدم جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، اسرائيل پاران فلسط??ني عوام جي بيدردي سان قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ فلسط??ني عوام کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته فلسطين مسئلي جو واحد منصفاڻو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسط??ني رياست جو قيام آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.