اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايران جي شهر ڪرمان ۾ د??شتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??و. هن چيو ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي فعل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آه??، پاڪستان سميت خطي جا اڪثر ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، اسان دهشتگردي جي نتيجي ۾ ان ڏک کي سمجهي سگهون ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ ايران جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جون دعائون ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.