اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گهرو وزارت ۾ نئين ويزا نظام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو. گهرو وزارت جي عملدارن نگران وز??را??ظم کي نئين ويزا نظام بابت آگاهه ڪيو. نگران وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته نئين ويزا نظام تحت بزنس مينز کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ويزا جاري ڪيا ويندا ۽ ان مقصد جي لاءِ گهٽ کان گهٽ دستاويز گهربل هوندا. ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويو آهي ته جيئن ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي فروغ مل??. نگران وز??را??ظم گهرو وزارت پاران نئين ويزا نظام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ مل??دو. نگران وز??را??ظم گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جو به افتتاح ڪيو. نگران گهرو وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته نادرا جي تعاون سان گهرو وزارت ۾ ميڊيا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.