اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جه??ن منصوبن بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ??و، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وسيع ڊيٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ۽ اخوت فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ دنيا فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ميان عامر محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم کي دنيا فائونڊيشن ۽ اخوت فائونڊيشن جي گڏيل حصيداري سان ٿيندڙ ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته اڊاپٽ اي فيملي پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ??و. نگ??ان وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جه??ن منصوبن بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم چيو ته ماڻهن ۾ سماجي ڀلائي جي منصوبن بابت آگاهي ۽ ش??ور پيدا ڪرڻ انتهائي اهم آهي، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وسيع ڊيٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.