اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون ??ي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي وچ ۾ مل??قا?? ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ مل??قا?? ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ??وانڊا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان ??قيقت تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان ??عاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ??وانڊا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي واپار کي پنهنجي حقيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ??نوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته روانڊا جا واپاري به ان ??قريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جون نيون راهون ڳولي سگهجن. صدر معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا. روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته روانڊا پاڪستان کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر صدر کي ٻڌايو ته روانڊا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي.