اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي ??ار??ي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي ??ار??ين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاع??ت واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ انتظامي مدد به آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گ??دشي قر??ن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن چيو ته گ??ريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.