اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ميڊيا کي جاري اشتهارن جي مد ۾ اد??ئيگين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اطلاعات واري وزارت جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 53 هزار 713 رپيا، جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب 93 ڪروڙ رپين جون اد??ئيگيون ڪيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپين جون اد??ئيگيون ڪيون. اطلاعات واري وزارت پاران جاري بيان موجب آبادگار پئڪيج، يوٿ پروگرام، بي آءِ ايس پي، قومي ڏينهن ۽ غيرملڪي دو??ن بابت ميڊيا مهمون پڻ هلايون وڃن ٿيون. اطلاعات واري وزارت پاران ڪلاسيفائيڊ ۽ انهن ڪلاسيفائيڊ (ڊسپلي) ڪيٽيگريز ۾ اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات واري وزارت چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ 437 وفاقي کاتن ۽ اد??رن جي اشتهارن جي بلن جي اد??ئيگي ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين پي ٽي آءِ حڪومت جي جاري ڪيل اشتهارن جي م?? ۾ ??ي ڊي ايم حڪومت جي دو?? ۾ 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپين جون اد??ئيگيون ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين اطلاعات واري وزارت جاري ڪيل اشتهارن جي مد ۾ 2 ارب 93 ڪروڙ رپين جون اد??ئيگيون ڪيون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين پي ڊي ايم حڪومت جي دو?? ۾ وفاقي وزارتن ۽ کاتن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپيا اشتهارن جي مد ۾ اد?? ڪيا. بيان ۾ چيو ويو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊيجيٽل ميڊيا، آئوٽ ڊور ميڊيا پاران پي ڊي ايم حڪومت جي دو?? ۾ اطلاعات واري وزارت کي 2 ارب 74 ڪروڙ 11 لک 4 هزار 91 رپين جا بل مليا، اهي بل جولاءِ 2021ع کان جون 2022ع تائين جاري ڪيل اشتهارن جي م?? ۾ ??ليا جڏهن ته انهن بلن جي مد ۾ 2 ارب 47 ڪروڙ 50 لک 713 رپين جون اد??ئيگيون ڪيون ويون. اهڙي طرح جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي اشتهارن جي مد ۾ 3 ارب 97 ڪروڙ 25 لک 55 هزار 654 رپين جا بل مليا، انهن بلن تحت 2 ارب 93 ڪروڙ رپين جون اد??ئيگيون ٿيون جڏهن ته جولاءِ 2022ع کان جون 2023ع تائين ٻين وفاقي وزارتن/ کاتن ۽ اد??رن جي اشتهاري مهم جي لاءِ 1 ارب 86 ڪروڙ 21 لک 46 هزار 890 رپين جا بل مليا ۽ 98 ڪروڙ 73 لک 18 هزار 74 رپين جون اد??ئيگيون ڪيون ويون. اطلاعات واري وزارت چيو ته اهي سمورا انگ اکر پبلڪ ڊومين ۾ موجود آهن.