اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام ل??ءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? نگران وف??قي وزيرن ??رفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ??رڪت ڪئي. وزيراعظم سلامتي بابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي ڪردار کي ساراه??و. ??ن چيو ته تحفظاتي معاملن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ ل??ءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ ل??ءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.