اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ه??پا??ائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ ه??پا??ائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ ه??پا??ائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي وب?? پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه ه??پا??ائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏينهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان ه??پا??ائيٽس ۽ لاڳاپيل بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ه??پا??ائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ه??پا??ائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون بيماريون ۽ فوتگيون ٿين ٿيون، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ ه??پا??ائيٽس سي جي بيماري جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آهي. مصر ه??پا??ائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڃا به اسان جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آهي. هن چيو ته ه??پا??ائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش بيماري آهي، اڪثر ان بيماري جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ٿيون ٿين جيستائين ان سان جگر کي شد??د نقصان نه پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سالن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي جگر جي بيماري ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطرو ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي قوم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ه??پا??ائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ه??پا??ائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پوري آبادي جي فعال طور تي اسڪرين??گ ڪريون ۽ ه??پا??ائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ ه??پا??ائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وب?? پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي بيماري ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پوندا، ه??پا??ائيٽس جي عالمي ڏينهن تي اسان ه??پا??ائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي ه??پا??ائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري طور تي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ ه??پا??ائيٽس کان بچاءُ، اسڪريننگ ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي.