اسلام آباد- 27 جولاءِ ( اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ 1200 ??يگ??واٽ جي حامل چشما نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا، وفاقي سيڪريٽريز، سينيئر آفيسرن ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊيءَ کان ڪهوٽا تائين 28.4 ڪل??مي??ر ڊگهي روڊ کي ٻٽو ڪرڻ سميت سهاله ريلوي پاس تي 4 لين پُل جي تعمير جي سلسلي ۾ مواصلات واري وزارت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منصوبي تي 23545.021 ملين رپيا ل??ڳت ايندا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50-50 جي بنياد تي ان لاءِ فنڊز فراهم ڪندا. جڏهن ته اين ايڇ اي ان منصوبي کي مڪمل ڪندي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جو ڪراچي شپ ??ارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس انفراسٽرڪچر منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. ان منصوبي جي نظرثاني ٿيل ل??ڳت 10689.807 ملين رپيا آهي، جنهن ۾ 4934.56 ملين رپين جي غير م??ڪي معاونت شامل آهي. اجلاس ۾ 45 ڪل??مي??ر ڊگهي عبدالخيل، داعي- ڪلر ڪوٽ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 14257.29 ملين رپين جي ل??ڳت ايندي. هي منصوبو اين ايڇ اي مڪمل ڪندو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ضلعي خاران ۾ گورک اسٽوريج ڊيم منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 27753.76 ملين رپيا ل??ڳت ايندي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ نصير آباد ضلعي ۾ پٽ فيڊر ڪينال سسٽم جي ري ماڊلنگ منصوبي جي منظوري ڏني وئي، ان منصوبي تي 61793.36 ملين رپيا ل??ڳت ايندي. وفاق ۽ صوبو 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چشمي نيو ڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 1047988.84 ملين رپيا ل??ڳت ايندي. ان منصوبي لاءِ 187098.9 غير م??ڪي ۽ 820742.99 ملين رپيا چيني قرض حاصل ڪيو ويندو. منصوبي تحت ميانوالي ۾ 1200 ??يگ??واٽ جو نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تي 12338.294 ملين رپين جي ل??ڳت ايندي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي انويسٽمينٽ پراجيڪٽ فانسنگ ڪمپونينٽ پاڪستان ريزيز روينيو پراجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ان منصوبي تي 21518.677 ملين رپيا ل??ڳت ايندي. عالمي بئنڪ ان منصوبي لاءِ 80 ملين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو.