اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي. وزيراعظم ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي قرآن ڪريم جي تقدس جي لاء?? پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي ??نيا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت سڀني مذهبن، مقدس هستين ۽ عقيدن جو احترام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي ??نيا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان کي برداشت نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي لاءِ مقدس، علامتن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. دنيا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. دنيا کي بي ??من??، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي لاءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج به ٿيندو. ريليون ڪ??يون وينديون، هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي.