اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاظم خان کي ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي ڪميٽي فار فري مي??يا جي چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اميد آهي ته ڪميٽي ۾ شامل ناليوارا صحافي پنهنجي تجربي ۽ صلاحيت جي بنياد تي صحافت جي آزادي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ل??ءِ اه?? ڪردار ا??ا ڪندا رهندا. صدر ڪميٽي جي ٻين ميمبرن اياز خان، سردار خان نيازي، عامر محمود، ارشاد احمد عارف ۽ اعجاز الحق کي پڻ مبارڪباد ڏني آهي.