اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سر??يف??يٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فا??دو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سر??يف??يٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو ن??درا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سر??يف??يٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فا??دو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب س??ڪا??ي نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ وڌ??ئڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌ??ئڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.