اسلام ??باد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام ??روع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائي?? پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سان گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلا??يٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام ??روع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائي?? پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام ??باد ۾ ايٿوپيا جو سفارتخانو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.