ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي تي پابنديون جمهوريت کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ معاشري ۾ ورڇ ۽ انتشار جو سبب بڻجن ٿيون، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام جي ??اءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ صحافين جو اتحاد سدائين سدابهار ۽ مضبوط رهيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري صحافت جي آزادي ??ي عالمي ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي حڪومت جي دورن ۾ آمرن پاران صحافت تي لاڳو ڪارن قانون جو خاتمو ڪيو ۽ صحافت کي مڪمل آزادي ڏني. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ان جي ??يادت جو پاڪستان ۾ بدترين ميڊيا ٽرائيل ٿيندو رهيو آهي پر ان جي باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به اظهار ۽ صحافت جي آزادي تي مصلحت جو شڪار نه ٿي، پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجي ??ا مخالف ڌر ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ ۽ حقن جي حوالي سان سدائين واضح موقف اختيار ڪيو آهي، اسان ڄاڻڻ جي حق جي ??انون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ جيئن جو تيئن عملدرآمد ۾ يقين رکون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ان جي ??ارٽي ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي ??اءِ مثالي ماحول جو قيام ۽ عوام ۾ ميڊيا لٽريسي کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ صحافت تي هنيل پابندين جي شديد مذمت ڪندي صحافتي تنظيمن، اظهار جي آزادي جي حق جي ??اءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن سميت عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي والاريل واديءَ جي صحافين تي ظلمن جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ روزانو صحافين کي قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي صحافي سچ ڳالهائڻ جي ??اداش ۾ ڀارتي فوج جي ??ٿان شهيد به ٿي چڪا آهن. هن اپيل ڪئي ته سال ۾ هڪ ڏينهن والاريل ڪشمير جي صحافين سان يڪ??هتي جو ڏينهن به ملهائڻ گهرجي.