اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي چوري روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ??ها ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن جي دائري اختيار ۾ منتقل ڪرڻ تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بجلي چوري، عدم وصولين ۽ لائين لاسز جي نتيجي ۾ خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وفاق ۽ صوبن ۾ ب??ن جي وصولي لاءِ موجود انتظامي ڍانچي جو موازنو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو نظام صوبن جي حوالي ڪرڻ آئيني قدم آهي. ان قدم سان ب??ن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ خاطرخواهه بهتري ايندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نظام جي منتقلي جي لاءِ سڀ کان اڳ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو هو. وزيراعظم ڪميٽي کي جلد حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ??زيراعظم چي?? ته ملڪ ۾ بجلي چوري ڪندڙ عنصرن جو موثر خاتمو ڪنداسين. هن چي?? ته وفاق صوبن جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ فني مدد فراهم ڪندو، صوبن وٽ بجلي جي ب??ن جي وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو موجود آهي، وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو بجلي جا گردشي قرض ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، مملڪتي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار ??حد چيما، خاص معاون جهازيب خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير، اعظم خان، پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.