اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪلوس گيلي م??اقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان فرانس سان ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي ??راڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال کي م??هن ڏيڻ جي ??اءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سان يڪجهتي ۽ مدد تي فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ??يم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نقصانن جو پئمانو ۽ شدت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪردار جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري ريسڪيو ??ان??واءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??رحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فرانس سان پنهنجي ??اڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فرانسي??ي سفير ٻطرفن لاڳاپن کي م??بو?? بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??اءِ فرانس سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.