اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ا??تونيوگوتريش سان گڏ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي عارضي ڪيمپ ۾ هڪ اهڙي خاندان سان ملياسين جتي گذريل رات هڪ ٻار جي پيدائش ٿي، ٻوڏ متاثر خاندان جي گذريل رات پيدا ٿيندڙ معصوم ٻار کي هنج ۾ کڻي تصوير ٽوئيٽر تي به شيئر ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? مون ڏٺو ته اها پيدائش انساني المئي ۾ نئين زندگي، تجديد ۽ اميد جي هڪ علامت آهي.