اسلام آباد – 09 جون (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آه?? ته هٿرادو کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورونا جي باري ۾ اڃان به غلط فهميون موجود آه?? جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آه??، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آه??، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ ب??ران ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر انڪوائري جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ ??هٽ??ائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آه?? جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??، وفاقي ڪابينا چيو آه?? ته سالن کان غير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آه??، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪابينا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.