اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهر??ن مل?? ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، جڏهن ته مملڪتي وزير شهريار خان آفريد?? ٻڌايو آهي ته 1097 تبليغي ۽ زا??رين کي گذريل پنج ڏينهن ۾ وطن واپس آندو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ پارلياماني ڪميٽي زا??رين، تبليغي جماعت ۽ ٻاهر??ن مل?? ڦاٿل پاڪستانين جي فوري وطن واپسي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي