اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن سان ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه ڪيو نه اڳتي ڪندو، ڪرپشن ڪنگز ٽر??نس??يرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي پنهنجا گناهه لڪائڻ جي لاءِ ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام جي خلاف ڪرپشن جو گناهه ا??هن پنهنجي دور ۾ ڪيو آهي، اهڙين حرڪتن سان لڪڻ وارا نه آهن، ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو وزيراعظم عمران خان جو نصب العين آهي، عمران خا?? جي قيادت ۾ موجوده حڪومت احتساب جي ايجنڊا کڻي آئي، ان عوامي ايجنڊا کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. پارليامينٽ ??ائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ج??هن ٽر??نس??يرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جي حوالي سان ميڊيا، اخبارن، سول سوسائٽي ۽ عوام ۾ هڪ ب??ث هلي رهيو آهي، ضروري آهي ته ا?? جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.