سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ??اب?? خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي مقامي ڪاليج ۾ منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج آهي، هڪ ڇوڪري جي تع??يم صرف هڪ شخص جي تع??يم آهي جڏهن ته هڪ ڇوڪريءَ جي تع??يم پوري معاشري جي تع??يم آهي، هن چيو ته هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي جڏهن جنگ ميدان ۾ وڙهي ويندي هئي هاڻي جنگ معاشي محاذ تي وڙهي ويندي آهي ۽ اسان پاڪستان ۾ 52 سيڪڙو آبادي کي ڪنهن به صورت ۾ محاذ جنگ کان پري نٿا رکي سگهون ۽ اسان 52 سيڪڙو آبادي تي مشتمل عورتن کي جديد علم ۽ فن سان هم آهنگ ڪر?? معاشي ميدان ۾ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪر?? سڄي دنيا ۾ باوقار م??ام حاصل ڪنداسين.