راولپنڊي – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراع??م آفيس جي ??يد??ا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقو??، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف ايران ??ي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان ملاقات ڪندو ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين جي 19 مئي تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت ڪندو.