??ان يا – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ ??ان ملاقات ڪئي جنهن ۾ چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سميت پولٽ بيورو جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي معاونت پرڏيهي وزير، گهرو وزير ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. وزيراعظم صدر شي کي عوامي جمهوريه چين جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي م??ارڪباد ڏني. ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي حوالي ??ان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، ٻئي ملڪ آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي ??ان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ سال دوران انهن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. وزيراعظم ترقي جي لاءِ ايشيا کي وڌيڪ اوپن بڻائڻ جي صدر شي جي عزم کي ساراهيو.