اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گهريلوصارفين کي گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سسٽم جي ساخت ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن ??ن مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي سپلاءِ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزي??اع??م گهريلو صارفين کي گئس جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي يچو ته سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي. وزي??اع??م سسٽم جي ساخت ۾ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ??ن مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي، گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزي??اع??م کي ??ن موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپل?? آر ايل اين جي موجود آهي جنهن جي ڪري گئس ??وڊ مئنيجمينٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال گئس ??وڊ شيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهريلو صارفين کي صبح 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس ??راهم ڪئي پئي وڃي، پاور سيڪٽر کي پڻ گئس ڊيمانڊ موجب ڏني پئي وڃي، صارفين جي شڪايتن جي حوالي سان ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جا آن لائين ڊيش بورڊز ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس اين جي پي ايل جي شڪايتن کي حل ڪرڻ جي شرح 93 سيڪڙو جڏهن ته ايس ايس جي سي جي شرح 79 سيڪڙو آهي، ملڪ جون سموريون گئس ??يلڊز فعال آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.