اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحد?? جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جا هڪ ٻئي سان سدابهار لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياحتي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، يونس ايمري انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ سان ترڪ ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ، ترڪش ڪلچر سي??ٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه اسان جو دوست آهي جنهن سان اسا?? جي لازوال دوستي آهي جيڪا سرحد?? جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪ?? جي عوام دوستي جي مضبوطي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عظيم صوفي شاعر يونس ايمري جنهن کي يونس درويش به چيو وڃي ٿو، جي شاعري ۽ ڪهاوتون اڄ به ترڪ ثقافت ۾ اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته ثقافت ئي هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اطلاعات واري و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر خليل توڪار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان ۾ رهي ترڪ ثقافت کي جهڙي طرح فروغ ڏنو، يقينن داد جو مستحق آهي. هي اهڙا ماڻهو آه?? جيڪي ملڪ?? جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بي لوث ڪم ڪن ٿا. و??اق?? وزير چيو ته ترڪيه سان حصيداري وڌائڻ جي لاءِ استنبول ۾ هيڊ آف ڪميونيڪشن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جهڙي طريقي سان ترڪيه جا ڊراما پاڪستان ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهيا آهن اهڙي طرح پاڪستان جا ڊراما ترڪيه ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تمام گهڻيون شيون گڏيل آه?? جيڪي زبان، ثقافت، مذهب جي شڪل ۾ نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو اهو نه ٽُٽندڙ رشتو آهي. هن چيو ته ثقافتي طور تي اسان اهڙي مضبوطي سان ڳنڍيل آهيون جو علامه اقبال جي هڪ مزار قونيه جي اندر به آهي، مولانا رومي جي مزار سان گڏ علامه اقبال جي علامتي قبر ٺاهي وئي آهي، ان تعلق کي بيان ڪرڻ ئي مشڪل آهي. هن چيو ته ماڻه?? جي پاڻ ۾ رابطن سان لاڳاپا وڌيڪ وڌن ٿا. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ ڪلچر سي??ٽر جي هتي قائم ٿيڻ سان ثقافت ۽ عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ترڪيه جي ثقافت کي اسا?? جي ماڻهن کي سمجهڻ ?? اڳتي کڻي هلڻ ۾ مدد ملندي. و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام سان عوام جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽينڪس کي ويهاريو وڃي ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اطلاعات واري و??اق?? وزير عظيم شاعرن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ يونس ايمري جي حوالي سان ثقافتي گروپس جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا اديب ۽ شاعر هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪن. اسا?? جي ڪوشش آهي ته انهن عظيم شاعر?? جي ڪم کي اڳتي کڻي هلون جنه?? جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۽ ماڻه?? جي وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ٿئي ۽ اسان دنيا کي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏئي سگهون.