اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چي?? آهي ته معاشري ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، ڪنهن به معاشري يا ملڪ جي ت??قي جو دارومدار اتي جي امن امان جي صورتحال تي هوندو آهي، جتي امن هوندو، اتي سي??پڪ??ري، تعليمي موقعا، روزگار ۽ معيشت کي هٿي ملندي. اسلام آباد ۾ پوليس عوام سان گڏ جي نئين فيز جي شروعات تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چي?? ته امن ۽ ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. امن کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چي?? ته اسان کي چئلينجن کي موقعن ۾ بدلائڻو آهي، معاشري ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ضروري آهي. هن چي?? ته اسان نوجوانن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چي?? ته پوليس سميت ٻين شعبن ۾ عورتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشري ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چي?? ته پوليس عوام جي ت??فظ ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ بنيادي ادارو آهي. پوليس جو ڪردار نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام پر سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم حيثيت رکي ٿو. هن چي?? ته هڪ مضبوط ۽ منظم پوليس فورس امن جي قيام ۽ شهرين جي اعتماد جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان سان گڏ ئي هن پوليس کي جديد تربيت ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن هو وڌيڪ موثر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن چي?? ته امن کانسواءِ داخلي مسئلا پيدا ٿيندا آهن پر پرڏيهي سي??پڪ??ر به اهڙن ملڪن ۾ سي??پڪ??ري ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، جنهن سان ترقي جو عمل رڪجي ويندو آهي. هڪ مستحڪم ۽ پرامن ماحول ئي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي ت??مير ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي ته حڪومتن کي امن امان جي قيام لاءِ موثر قدم کڻڻ ۽ عوام ۾ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. امن ئي اهو بنياد آهي جنهن تي ت??قي جي عمارت بيهاري سگهجي ٿي.